هٿ جي هنر ۽ ڪاروباري شعبي کي وڌائڻ ۾ عورت جو ڪردار
جيڪڏهن معاشري ۾، عورتن جي اقتصادي سرگرمين جو جائزو وٺبو ته اسان جي نظر ڏور ماضيءَ ۾ هلي ويندي. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدائش کان اٽڪل چار هزار سال آڳاٽي دور ۾ مرد شڪار ڪندو هو؛ عورت، زمين کيڙيندي هئي. فصل پوکيندي هئي. لابارو لڻندي هئي ۽ ڏکين مندن لاءِ جهنگلي ميوا ۽ ڀاڄيون ميڙيندي هئي.
جيئن ته اُن دور ۾ عورت اقتصادي طور، مرد کان خوشحال ۽ برتر هئي، ان ڪري سماج ۾ سندس حيثيت ۽ رتبو به مرد کان برتر هئو. ملڪيت ۽ نسب جو سلسلو ماءُ جي نانءُ سان هلندو هئو. جرڳي ۾ ويهي فيصلا نبيرڻ پڻ عورت جو ڪم هئو. هن دور واري سماجي سرشتي کي سماجيات ماهر مادر سري سرشتي (Matri-lincal System) جو نانءُ ڏين ٿا.
هي اهو دور هئو جڏهن ماڻهن جي حفاظت جو ڪم به ديويءَ جي سپرد هئو. يونان جي ايٿينا ديوي، جا نه رڳو ماڻهن جي حفاظت ڪندي هئي پر مختلف ڪاروباري شعبن، هنرن ۽ صنعتن جي ماهر هئي. ايٿينا ديوي هر جي موجد، سوئارڪي ڌنڌي جي ماهر، جهاز سازي ۽ گهرو زنانن هنرن جي سرپرست پڻ ليکي ويندي هئي. وقت گذرڻ لڳو. زراعت جي پيچيدگي اچڻ لڳي ۽ مرد، شڪار سان گڏ زراعت ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيو، ان سان گڏوگڏ هن ڌڻ به سنڀالڻ شروع ڪيا. جانورن جي سار سنڀال لاءِ مرد کي غلامن ۽ نوڪرن جي به ضرورت پئي. هن ئي دور ۾، مرد خنجر جو استعمال پڻ شروع ڪيو ۽ هاڻ معاشي خوشحالي ۽ طاقت مرد جي قبضي ۾ اچڻ لڳي. رفته رفته، مرد، عورت کي محڪوم ڪرڻ شروع ڪيو. هينئر ملڪيت ۽ نسب جو سلسلو مرد جي نانءُ سان هلڻ لڳو. جرڳي جا فيصلا مرد نبيرڻ لڳو. خانداني سرشتو پدر سري يا (Patriachy) ڪوٺجڻ لڳو. فيصلا ۽ حڪومتون ڪرڻ مرد جا ڪم ليکيا ويا ۽ عورت محض مرد لاءِ ٻانهن ٻيلي هئي. گهرو رڌ پچاءُ ۽ ٻيا ڪم سرانجام ڏيندي هئي. پر هن دور ۾ به عورت وڏا وڏا ڪم سرانجام ڏنا. سٽ ڪتڻ، سبڻ، ڀرت ڀرڻ، خيما ٺاهڻ، جوتا ٺاهڻ، ٽوڪريون ٺاهڻ، ٿانون ٺاهڻ، ڪاٺ جو ڪم، عمارت جي تعمير؛ ان کانسواءِ ابتدائي واپار ۽ اهي شيون جيڪي اڳتي هلي وڏيون صنعتون ۽ وڏا ڪاروبار بڻيا. باوجود ان حقيقت جي، جو عورت هيترا سارا ڪم سرانجام ڏيندي هئي، سندس حيثيت هڪڙي ادنيٰ جيو واري هئي. اهڙو ساهه وارو جنهن جو مالڪ مرد هجي. مذهبي دورن جي شروعات ٿي، پر عورت کي هڪ خودمختيار انسان جو رتبو نه مليو.
هندو مذهب جي عورت کي ”نرڌن“ قرار ڏنو ويو. جيڪڏهن ڪنهن فرد کي پٽ نه هوندو هئو ته سندس ملڪيت جو حق سندس پٽيلي کي هوندو هئو پر ڌي کي نه، ساڳيو حال يهودي مذهب ۾ به هئو. عورت جي ذاتي ڪمائيءَ جو وارث يا ته سندس پيءُ هئو يا شاديءَ کان پوءِ مڙس. اسلام اهو پهريون مذهب هو، جنهن ۾ عورت کي ملڪيت ۽ ڪاروبار جو حق ڏنو. وقت گذريو ته زرعي سماج، صنعتي سماج جي صورت اختيار ڪئي.
صنعتي انقلاب جي شروعات، برطانيا ۾ 1760ع ڌاران شروع ٿي. شروعات ڪپڙي ۽ ٿانون کان ٿي. ڪپڙو جيڪو اڏاڻن تي تيار عورتون ڪنديون هيون سو هاڻي فيڪٽري ۾ تيار ٿيڻ لڳو. ٿانوَ جيڪي عورتون بنائينديون هيون سي ڪارخانن ۾ ٺهڻ لڳا. گيهه جيڪو عورتن جو ڌنڌو هو سو به ڪارخانن ۾ ٺهڻ لڳو. صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ ڪارخانا قائم ٿيا. وسيع ترين بينڪاري سرشتو ۽ سيڙپ جو نظام شروع ٿيو. صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ هڪڙي تبديلي اها رونما ٿي، جو عورتون گهرن کان ٻاهر نڪتيون ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لڳيون ۽ اهڙا به ڪم کين ڪرڻا پيا جيڪي سندن ڏانو جا نه هئا، جهڙوڪ کاڻين وغيره ۾ ڪم پر عورتن سان ٻه اکيائيءَ جو سلوڪ هتي به روا رکيو ويو. اجرت، عورت کي گهٽ ملندي هئي، مرد کي وڌيڪ، هن مفروضي تحت ته مرد کي ڪٽنب ۽ گهر سنڀالڻو ٿو پوي. دنيا جي بدلجندڙ حالتن جو اثر فرانس تي به پيو ۽ 1789 ڌاران، فرانس ۾ انقلابي حالتون رونما ٿيون. هي انقلاب جاگيردارانه ۽ بادشاهي نظام خلاف هئو. هيءُ انقلاب، عورتن جي غير برابريءَ خلاف جدوجهد جو به پيش خيمو ثابت ٿيو. خاص طور فرانسيسي، انساني ۽ شهري حقن جو پڌرنامو، جيڪو سترهن قلمن تي مشتمل هئو، جيڪو اتان جي نيشنل اسيمبلي 1791 واري آئين جي منڍ لاءِ لکيو هئو، جيئن ته سڀ انسان، پيدائشي آزاد آهن. ان ڪري برابريءَ واري حق ماڻڻ جو مجاز آهن. تقرير توڙي جائداد جي آزاديءَ جا حق.
1792 ۾ Mary Wollstone craft جو عورتن جي حقن جي سلسلي ۾ هڪڙو دستاويز Avindication of the rigts of women برطانيا ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب دنيا جي عورتن ۾ ٿرٿلو برپا ڪيو ۽ عورت خلاف ٻه اکيائي واري سلوڪ خلاف جدوجهد جو باضابطا آغاز ڪيو. هن دستاويز ۾ عورتن جي هر حق جي ڳالهه ڪيل هئي. تعليم، نوڪري، ڪاروبار يا ووٽ جو حق اوڻويهين صديءَ جي آغاز سان دنيا کي ٻن مهاڀاري لڙاين جو منهن ڏسڻو پيو. (1914-18) ۽ (1939 -45) هنن جنگين ۾ مردن، ميدانن کي منهن ڏنو جڏهن ته عورتن واپار، ڪاروبار ۽ صنعتون سنڀاليون، نه رڳو عورتن ڪاروبار سنڀاليا پر جنگ جي ميدانن تي به مردن جو پورو پورو ساٿ ڏنو. عورتن جي ڪوشش جي مڃتا ٿي ۽ اهڙا ادارا وجود ۾ آيا جي عورتن جي گهرو ڪمن جهڙوڪ نرسريون، لانڊريون وغيره ۾ مددگار ثابت ٿيا. هنن سهوليتن جو بنيادي مقصد عورتن کي سهوليتون ڏيڻ هئو ته جيئن اهي گهر کان ٻاهر اچي ڪم ڪري سگهن.ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي سان 1945 ۾ اقوام متحده جو بنياد پيو ۽ عالمي سطح تي ٻين محڪوم شهرين سان گڏ عورتن کي به برابريءَ جو درجو حاصل ٿيو. ڏهين ڊسمبر 1948 تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ، انساني حقن جو پڌرنامون منظور ڪرڻ کانپوءِ دنيا ۾ نافذ ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ انهن حقن جي وضاحت لاءِ ڪيترائي معاهدا بحال ڪيا ويا.
1967 ۾ عورتن جي غير برابريءَ واري سلوڪ جي خلاف هڪڙو ٺهراءُ بحال ڪيو ويو. قلم اٺ- ٺهراءُ 12، 2، 63 (7 نومبر) اهو ويچاريندي ته اقوام متحده جا ماڻهو پنهنجي چارٽر ۾، پنهنجي اُن بنيادي انساني حقن واري ايمان کي ورجائين ٿا ته، هو ڪنهن به شخص جي شان و شرڪت ۽ ان جي ملهه کي تسليم ڪن ٿا. مردن ۽ عورتن جي هڪجهڙن حقن کي به تسليم ڪن ٿا.اهو ويچاريندي ته انهيءَ اقوام متحده جو پڌرنامو، جيڪو انساني حقن لاءِ آهي، ان ڳالهه کي ڀلي ڀانت، غير امتيازي سلوڪ واري اصول کي مڃي ٿو ۽ اها دعويٰ ڪري ٿو ته سڀ انسان آزاد ڄاوا آهن ۽ حقن جي اعتبار سان برابر آهن؛ انهن حقن ۽ آزادين جا مجاز آهن، جيڪي هن وقت تائين تسليم ٿيل آهن. بنا ڪنهن به قسم جي تفريق جي اُن ۾ جنس جي غير امتيازي پڻ شامل آهي. ملڪيت جي استعمال، ملڪيت جي انتظام جي سلسلي ۾ قلم ڇهين ۾ هن ريت وضاحت ڪيل آهي ته انهن کي اهو حق هوندو ته هو ملڪيت حاصل ڪن.
اُن ملڪيت جو انتظام ڪن، انهن کي ماڻين، ڇڏي ڏين يا ورثي ۾ ملڪيت حاصل ڪن، ان ملڪيت سميت جيڪا هو شادي ۾ حاصل ڪن ٿيون.پاڪستان جيئن ته بنيادي طور مسلمان ملڪ آهي جنهن ۾ عورت کي ملڪيت توڙي ڪاروبار جو مڪمل اختيار آهي ۽ انهيءَ حق کي 1973 جي آئين ۾ مڪمل طور مڃيو ويو آهي. قلم 38 ۾ درج آهي ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائيءَ جي اوسر پڻ رياستن جي ذميواري هوندي، ماڻهن جي بهتري بنا ڪنهن جنس، ذات پات نسل جي امتياز جي ڪوشش وٺڻ ۽ اهو به ته، سندن زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ واري طريقي سان ۽ اهڙي نموني ۾ جيئن ڪو خاص ماڻهو يا ڪو مخصوص ٽولو، دولت ۽ پيداوار جي ذريعي تي قبضو نه ڪري جيڪو عام ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ خلاف آهي.

No comments:
Post a Comment